وزيراعظم آمريڪا جي دوري ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس طلب ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (سومر 16 سيپٽمبر2019ع) وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان حوالي سان حڪومتي رابطن بابت به مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خطاب تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

واضح رهي ته عمران خان جي آمريڪا جي دوري جو شيڊول طئي ٿي چڪو آهي جنهن موجب دوري دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ان جون 2 ملاقاتون ٿينديون. آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم عمران خان  جو سعودي عرب جو به دورو متوقع آهي. وزيراعظم عمران خان 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هڪ ملاقات مانجهاندي ۽ ٻئي ملاقات چانهه دوران متوقع آهي. وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻن مهينن دوران هي ٻئي اهم ملاقات هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري دوران وزيراعظم عمران خان  ٻين اهم ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري کان اڳ 19 سيپٽمبر تي سعودي عرب جي دوري تي ويندو.

وزيراعظم جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اڃان به مشاورت جاري آهي پر اهو طئي آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي آمريڪا پهچندو. وزيراعظم پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم عمران خان 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجو پهريون خطاب ڪندو جنهن ۾ هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف سموري دنيا کي آگاهي ڏيندو.