اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

news

اسلام آباد: (سومر 16 سيپٽمبر2019ع) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ طرفان ناني جي لاڏاڻي تي جنازي جي جناز ۾ شرڪت جي لاءِ اڳوڻي وزيراعظم کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.

شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شام جو 5 بجي ناني جي جنازي نماز آهي شاهد خاقان عباسي کي آزادي ڏني وڃي ته هو جنازي جو وقت تبديل ڪري سگهن ٿا. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هي معاملو عدالت جي اختيار ۾ نٿو اچي. شاهد خاقان عباسي نيب وٽ حراست ۾ آهي هي معاملو نيب جي دائري ۾ اچي ٿو. درخواست ڏيندڙسعديه عباسي چيو ته مان صبح نيب جي آفيس  ويس ته اتي چيو ويو ته عدالت اجازت ڏئي سگهي ٿي.

احتساب عدالت جي چوڻ تي نيب جا جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو جنهن تي احتساب عدالت جي جج شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت شاهد خاقان عباسي کي ناني جي جنازي جي نماز ۾ شرڪت جي مشروط اجازت ڏني آهي. عدالت پيرول تي آزادي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ضلعي انتظاميه جي فول پروف سيڪيورٽي سان مشروط ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته ضلعي انتظاميه فول پروف سيڪيورٽي جي ذميواري کڻي ته ڊي جي نيب جنازي ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏيندو جج محمد بشير چيو ته ڊي جي نيب پيرول تي آزادي جي لاءِ وڌيڪ ضروري قدم مڪمل ڪري وٺي.