احتساب جي عمل تي ڪا به ڊيل يا سوديبازي نه ٿيندي: وزيراعظم

news

اسلام آباد: (سومر 16 سيپٽمبر2019ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهريون ڀيرو احتساب جو عمل سياسي مداخلت کان آزاد آهي تنهنڪري ڪا به ڊيل يا نه ٿيندي.

وزيراعظم عمران خان بابر اعواڻ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ وزيراعظم جي آمريڪا ۽ سعودي عرب دوري تي به صلاح مشورو ٿيو. ملاقات جي حوالي سان بابر اعواڻ طرفان بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ هن چيو ته ڊيل جون خبرون پکيڙيندڙن کي مايوسي ٿيندي، احتساب جو عمل جلد قوم جي سامهون هاڪاري اثر آڻيندو جڏهن ته ڪشمير جي معاملي تي حڪومت جارحاڻي حڪمت عملي درست قدم ثابت ٿيو.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سموري قوم جو ڌيان ڪشمير تي آهي، جنرل اسيمبلي ۾ خطاب اهم هوندو جڏهن ته پهريون ڀيرو احتساب جو عمل سياسي مداخلت کان آزاد آهي، احتساب جي عمل تي ڪا به ڊيل يا سوديبازي نه ٿيندي.