سنڌ حڪومت ڪراچي کي هڪ مهيني اندر صاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: سومر16سيپٽمبر2019ع: سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ صفائي مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو، بلديات وارو صوبائي وزير چوي ٿو ته ڪوشش هوندي ته شهر ۾ هڪ مهيني ۾ صفائي نظر اچي، 21 سيپٽمبر کان صفائي مهم شروع ڪئي ويندي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي مان 12 هزار ٽن ڪچرو کڻي لينڊ فل سائٽ تائين پهچايو پيو وڃي.

هن جو چوڻ هو ته ڪجهه عارضي ڪچري دان به ٺاهيا ويندا، ان کان علاوه سنڌ سالڊ ويسٽ جي ڪچرو کڻڻ جي صلاحيت وڌائي ويندي.

هن چيو ته ڪوشش هوندي ته هڪ مهيني ۾ ڪراچي جو ڪچرو صاف ڪريون، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهوٽڪي سانحي تي ڏک آهي، جيڪو ڏوهي ثابت ٿيندو کيس سزا ڏني ويندي.