سانڊي جيان رنگ مٽائيندڙ ذهين چمڙي

news

نيويارڪ: سومر16سيپٽمبر2019ع: قدرت جي  ڪارخاني ۾ سانڊي جي شمار انهن جاندارن ۾ ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي ماحول سان رنگ تبديل ڪري وٺندا آهن، هاڻ سائنسدانن خاص مٽيريل جي مدد سان اهڙي سمارٽ اسڪن ٺاهي ورتي آهي جيڪا اُس ۾ رنگ تبديل ڪري وٺندي آهي.

ايموري يونيورسٽي جي ماهرن فوٽونڪ ڪرسٽلز جي مدد سان اها چمڙي ٺاهي آهي، ان کي ٺاهيندڙ پروفيسر يائيڪشيائو ڊونگ چوي ٿو ته کيس رنگ تبديلي ڪندڙ سانڊي کي ڏسي ان شئي کي ٺاهڻ جو خيال آيو جنهن تي ڀرپور تحقيق ڪئي وئي.

تحقيق سان لاڳاپيل هڪ ٻئي سائنسدان خالد سليتا ٻڌايو ته ان ڪم لاءِ فوٽونڪ ڪرسٽلز استعمال ڪيا ويا آهن ۽ سمارٽ چمڙي کي ڪيموفلاج، ڪيميڪلز محسوس ڪرڻ ۽ جعليسازي جي روڪٿام ڪندڙ اسٽيڪرن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ اهو ڪم شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر بلڪل نئون ۽ انوکو پڻ آهي.

رنگ بدلائيندڙ چمڙي جي تياري لاءِ انتهائي سنهڙن فوٽونڪ ڪرسٽلز کي پاڻي ۾ ڀريل لچڪدار پوليمر ۾ لڳايو ويو جنهن کي هائيڊروجل چوندا آهن، جيئن جيئن هائيڊروجل سڪڙجندو ۽ ڦهلجندو آهي فوٽونڪ ڪرسٽلز وچ ۾ فاصلو گهٽ يا وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي طرح هو رنگ تبديل ڪندا آهن.

ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ فوٽونڪ ڪرسٽلز ۾ آئرن آڪسائيڊ جي واڌ ڪئي وئي ته ان سان اسڪن جي ڪاٿي تي ڪو فرق نه پيو پر ايترو ضرور ٿيو ته گرماهٽ سان ان جو رنگ بدلجڻ لڳو، ان ايجاد کي اسٽرين اڪوموڊيٽنگ سمارٽ اسڪن يا ايس اي ايس ايس جو نالو ڏنو ويو آهي.