الفا، براوو ۽ چارلي جي ڪيپٽن فراز جي ٽي وي اسڪرين تي ٻيهر واپسي

news

ڪراچي: سومر16سيپٽمبر2019ع: مشهور ڊرامي الفا، براوو ۽ چارلي جو ڪردار ڪيپٽن فراز هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندو.

90ع جي ڏهاڪي جي مشهور ڊرامي الفا، براوو ۽ چارلي جي ڪردارن ڏسندڙن جي دلين ۾ ڪجهه اهڙي جاءِ ٺاهي جو اڄ تائين ماڻهو ان ڊرامي کي ناهن وساري سگهيا ۽ انهن ڪردارن کي شوقينن تمام گهڻو پسند پڻ ڪيو.

الفا، براوو ۽ چارلي جا ٽي ئي مرڪزي ڪردار اڄ تائين ڪنهن ٻئي ڊرامي ۾ نظر ناهن آيا جڏهن ته ڪيپٽن فراز هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي تعوان سان ٺهندڙ ڊرامو عهد وفا ۾ مداح الفا، براوو ۽ چارلي جي ڪيپٽن فراز کي ڏسي سگهندا، ڊرامي جي جاري ڪيل ٽيزر ۾ ڪيپٽن فراز کي ڏسي سگهجي ٿو جيڪو ان به هڪ فوجي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.