ترڪ صحافتي وفد پاران آءِ ايس پي آر آفيس جو دورو

news

راولپنڊي: سومر16سيپٽمبر2019ع: پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪي جي صحافين جي وفد کي والاريل ڪشمير سميت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ترڪي جي صحافين جي وفد آءِ ايس پي آر آفيس جو دورو ڪيو، ترڪ صحافين کي والاريل ڪشمير جي گهيري، انساني حقن جي پامالين ۽ وادي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال جي علائقائي امن لاءِ هاڃيڪار اثرن تي بريفنگ ڏني وئي.

ترڪ صحافين جي وفد کي کي فيبروري جي پاڪ ڀارت تڪرار، ورڪنگ بائونڊي ۽ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال ۽ ڀارتي فوج جي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙين کان به آگاهه ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب صحافين جو گروپ 18 سيپٽمبر تي مظفرآباد ۽ چڪوٺي جو دورو ڪري رهيو آهي، ته جيئن ڀارتي سيز فائر ڀڃڪڙين جي شڪار مقامي ماڻهن ۽ متاثرن سان ڳالهيون ڪري سگهجن.