راڄو خاناڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سميت ٽي سخت زخمي

news

راڄو خاناڻي: (رپورٽ: جنيد مير) راڄو خاناڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا شديد زخمي. راڄو خاناڻي لڳ تلھار روڊ جي پير پکو اسٽاپ تي ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو.

جنھن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا. جن مان ڳوٺ مٺو لاشاري جو 38 سالا حاجي محمد لاشاري حيدرآباد اسپتال نيندي رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته ٻن عورتن نظيران ماڇي، امينا ماڇي ۽ ھڪ ڄڻو عارب ماڇي شديد زخمي ٿي پيا. جن کي پڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.

جن مان نظيران جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. زخمين جو تعلق ڳوٺ عيسو خان ڀرڳڙي سان آھي.