شهدادپور ويجهو ملتان ويندڙ ٽرين مان مسافر ڪري فوت

news

شھدادپور: شهدادپور ويجهو لنڊو ٿاڻي جي حد عالي پير ڦاٽڪ لڳ ڪراچي کان پشاور ويندڙ عوامي ايڪسپريس  مان ملتان واسي 24 سالا ناصر لانگاهه ڪري فوت ٿي ويو. جنهن جي لاش کي لنڊو پوليس کڻائي سمس اسپتال شھدادپور آندو.

رابطو ڪرڻ تي لنڊو پوليس ٻڌايو ته نوجوان ملتان جو رهواسي آهي، ڪراچي مان ملتان ويندي هلندڙ ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو آهي، فوتي جي وارثن سان رابطي جي ڪوشش جاري آهي.