مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ گهنيا جو چڱو مڙس محمد عثمان ڪٽو لاڏاڻو ڪري ويو

news

مبارڪپور: مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ گهنيا جو چڱو مڙس 50 سالا محمد عثمان ڪٽو صبح جو ڳوٺ ڀرسان زمين تي گاھ ڪرڻ وڃي رهيو هئو ته اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب زمين تي ڪري پيو۔

جنهن کي رستي ويندڙ ماڻھن ڏسي ورتو، جيڪو اسپتال جي سهولت نه هجڻ سبب رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙھ کي آلين اکين سان مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويو.