ٽنڊو محمد خان ۾ صحافين تي حملي ڪيس ۾ عورت ٻن پٽن سميت جيل حوالي

news

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊومحمدخان پريس ڪلب ۾ صحافين تي حملي ڪرڻ جي الزام ۾ سٽي ٿاڻي تي پريس ڪلب جي صدر مظفر رند جي فرياد تي عورت شائستا ٽالپر، سندس ٻن پٽن قذافي ۽ سيف علي جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد سٽي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

جتي عدالت سڳوري عورت جوابدار شائستا ٽالپر ۽ سندس 2 پٽن قذافي ۽ سيف علي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نارا جيل حيدر آباد اماڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هوڏانهن ٽنڊو محمد خان شهر جي سيد محلي جي رهواسين ظهور شاهه محمد ابراهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شائستا ٽالپر ۽ سندس 2 پٽن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انهي موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته جوابدار شائستا ٽالپر پوري محلي اندر رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ بليڪ مينگ ڪندي هئي. پئسا نه ڏيڻ تي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي زوري لڄالٽ جو الزام هڻي پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي.

هنن چيو ته هو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به بليڪ ميلنگ ذريعي ماڻهن کي پئسا وصول ڪندي هئي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته کيس سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.