ٽنڊو محمد خان ۾ عورت جون اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف دانهون

news

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان شهر جي بختاور ڪالوني رهواسڻ عورت فرزانه چانڊيو پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته گذريل رات منهنجو اڳوڻو مڙس هٿياربند ساٿين  سان گڏ اچي منهنجي گهر مٿان هوائي فائرنگ ڪري مونکي زبردستي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس سخت تشدد جو نشاڻو بڻايو آهي.

هن ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ مون پنهنجي اڳوڻي مڙس عنايت رستماڻي کان طلاق ورتي آهي ۽ آئون هاڻي پنهنجي مائٽن جي گهر رهان ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته سٽي ٿاڻي جي پوليس منهنجي فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مونسان انصاف ڪري منهنجي اڳوڻي مڙس ۽ سندس ساٿين خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.