نئون ديرو ڀرسان جوابدار بندوق جو فائر ڪري زال کي زخمي ڪري وڌو

news

نئون ديرو: نئون ديرو ڀرسان عورتاڻي جهيڙي تان مڇرجي مڙس پنهنجي نوجوان زال مٿان بندوق جوسڌو فائر ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي. عورت ٻانهن ۾ فائر لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي.

عورت کي زخمي حالت ۾ علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال پهچايو ويو. ان ڏس ۾ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن واهڻ ۾ گهر ۾ ٿيل عورتاڻي جهيڙي تان مڇرجي مڙس امير چنه پنهنجي 25 ورهين جي نوجوان زال ثميره چنه کي مارڻ لاءِ مٿس بندوق جو سڌو فائر ڪري ڇڏيو جنهن سبب عورت ٻانهن ۾ فائر لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پئي جنهن بعد جوابدار مڙس فرار ٿي ويو جڏهن ته زخمي عورت کي ڏير پرويز چنه ڳوٺاڻن جي مدد سان نئون ديرو اسپتال علاج لاءِ کڻائي آيو.

اطلاع تي زخمي عورت جا وارث به اسپتال پهچي ويا جن کي ڏسي عورت دانهون ڪري روئڻ لڳي. ان دوران وارث عورتن زخمي عورت ثميره کي آٿتون ڏينديون رهيون.

اسپتال ۾ موجود زخمي عورت جي چاچي غلام نبي چنه ٻڌايو ته اسان غريب آباد محلي ۾ رهندا آهيون جڏهن ته نياڻي ڳوٺ حسن واهڻ ۾ ڏي وٺ جي بنياد تي ڏنل آهي. گهر ۾ عورتاڻو جهيڙو هو جنهن تان جوابدار مڙس امير چنه مڇرجي اسان جي نياڻيءَ کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ فرار ٿي ويو آهي. واقعي جي نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي.

هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي. ان موقعي تي پوليس عورت کي اسپتال کڻي آيل سندس ڏير پرويز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسپتال پهتي ته عورت جو ڏير به اسپتال مان وجهه وٺي کسڪي ويو.

هوڏانهن عورت کي وڌيڪ علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال انتظاميا پاران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. هن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

هوڏانهن 6 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڀوت خروس ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان زال ميمان خاتون کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان گهٽا ڏيڻ بعد بندوق جو فائر ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو هو جنهن بعد نئون ديرو ۾ مڙس پاران زال مٿان فائر ڪري مارڻ جي ڪوشش جو هفتي اندر هي ٻيو واقعو پيش آيو آهي.