وزيراعظم عمران خان ۽ نريندر مودي سان ملاقات ڪندس: ڊونلڊ ٽرمپ

news

واشنگٽن:(اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع)  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جو وقت ۽  هنڌ جي حوالي سان ڪجهه نه ٻڌائيندو پر هن هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ  جو ذڪر ڪيو آهي.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جي شيڊول موجب هو وزيراعظم عمران خان سان هلندڙ مهيني نيو يارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائين تي ملاقات ڪري سگهي ٿو.

ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 22 سيپٽمبر تي هيوسٽن ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي  جي هڪ ريلي کي به خطاب ڪندو.ياد رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ به عمران خان آمريڪا جي دوري تي ويو هو ۽ ان جي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ آمريڪي صدر ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي.