وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ 19 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال ۽ وزيراعظم جي آمريڪا ۽ سعودي  عرب جي دوري بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون.

ڪابينا جي اجلاس ۾ سي پيڪ ۽ توانائي منصوبن بابت به اهم فيصلا ڪيا ويندا ان کان علاوه ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي صورتحال به غور هيٺ ايندي. ياد رهي ته گذريل هفتي ٿيندڙ وفاقي ڪابينا  جو اجلاس پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سبب ملتوي ڪيو ويو هو.