ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولو رهندو

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. موسميات کاتي موجب اڱاري جي ڏينهن راولپنڊي ۽ گوجرانوالا ڊويزن ۾ مختلف هنڌن تي تيز هوائن، طوفان ۽ کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهيو پر هزارا، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور ڊويزن ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب، منگلا 42، راولپنڊي(چڪلالا 37)، اسلام آباد(زيرو پوائنٽ، سيدپور 32، گولڙه 09)سيالڪوٽ (ايئرپورٽ 23، سٽي 16) جهلم 23، گجرات 09، ناروال 09، گوجرانوالا 06، مري 02، ڪي پي ڪي، بالاڪوٽ 11، ڪشمير، راولاڪوٽ ۾ 03 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪالهه رڪارڊ ڪيل گرم ترين جڳهين جي گرمي پد ۾ سبي 44، تربت 43، دادو، سکر ۽ ڊي آءِ خان ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.