راولپنڊي جي اسپتال ۾ ڊينگي جا متاثر وڌيڪ ٻه مريض فوت

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) راولپنڊي ۾ ڊينگي جا متاثر 2 مريض اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويٺا. فوت ٿيندڙن ۾ هڪ عورت مريض به شامل آهي.

ذريعن موجب پنجاب سنڌ ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ مريضن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. مليل انگن اکرن موجب هلندڙ سال  پنجاب ۾ ڊينگي سبب هينئر تائين پنج ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

اسپتال جي ذريعن موجب صرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران 150 کان وڌيڪ ڊينگي جي  متاثر مريضن کي اسپتال ۾ آندو ويو. اسپتال آندل مريضن ۾ 86 جو تعلق  راولپنڊي سان آهي جڏهن ته 70 اسلام آباد جا رهواسي آهن.

لاهور سان تعلق رکندڙ 2  مريض به اسپتال آندا ويا. پنجاب جي صحت کاتي مان ملندڙ انگن اکرن موجب هينئر تائين  صوبي ۾ 1700 کان وڌيڪ  ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿي چڪا آهن.