احتساب عدالت خواجه ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ ڇهن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

news

لاهور: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) احتساب عدالت اڳوڻي ريلوي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رفيق جي جوڊيشل رمانڊ ۾ ڇهن ڏينهن جي واڌ ڪندي کين 23 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

خواجه ڀائرن کي پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ احتساب عدالت ۾ جج جوادالحسن جي آڏو پيش ڪيو ويو. نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر علي سطان ٽيپو پيش ٿيو جڏهن ته خواجه سعد رفيق طرفان ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف علي ۽ خواجه سلمان رفيق جي طرفان ايڊووڪيٽ امجد پرويز پيش ٿيا.

ان دوران نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر خواجه ڀائرن جي آزادي جي درخواست تي عدالت ۾ جواب داخل ڪرايو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف علي چيو ته عدالت پراسيڪيوشن کي جواب جي ايڊوانس ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اسان کي اها ناهي ملي جنهن تي خواجه ڀائرن جي وڪيل کي نيب جي جواب جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي.

ايڊووڪيٽ امجد پرويز پنهنجي موقف ۾ چيو ته نيب کي پيراگون هائوسنگ اسڪيم جي خلاف جاچ جو اختيار نه هو ۽ نه ئي عدالت ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي. ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيراگون پرائيويٽ لميٽيد ڪمپني جو ڪم ڪهڙو هو.؟ خواجه ڀائرن جي وڪيل جواب ڏنو ته پيراگون پرائيويٽ لميٽڊ ڪمپني جو ڪم هائوسنگ سوسائٽي جو قيام هو ۽ هي ميمورنڊم ۾ به لکيل آهي. فاضل جج پنهنجي رماڪس ۾ چيو ته هي جاچ ته ڪمپني خلاف ناهي ڪئي وئي پر هي ماڻهن خلاف ڪئي وئي آهي.

جوابدار جي وڪيل موقف ۾ چيو ته نيب چيئرمين قانون موجب پيراگون ريفرنس ۾ پنهنجي راءِ ناهي ڏني. ڪمپنيز ايڪٽ 2017 تحت عوام سان فراڊ ڪندڙ ڪمپني خلاف جاچ ڪري سگهجي ٿي. جج پڇاڻو ڪيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ ٽرائل جو اختيار ڪنهن کي آهي.؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته نيب جو قانون چوي ٿو ته جيترو فائدو حاصل ڪيو ويو آهي. جوابدار کي ان جي برابر ڏنڊ هنيو وڃي. ڪمپني ايڪٽ ۾ عوام سان فراڊ ڪندڙ جوابدار کي ٽي گنا ڏنڊ ڏيڻ جو چيو ويو آهي. جج جوادالحسن چيو ته هي نڪتا اوهان  جوابدارن جي ضمانت لاءِ درخواست تي اٿاريا هئا ۽ هاءِ ڪورٽ ان کي رد ڪيو هو. ان تي ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف علي جواب ڏنو ته اهي ضمانت جون درخواستون هيون.  جنهن کان پوءِ عدالت خواجه ڀائرن جي  ضمانت واري عدالت تي نيب اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

پيشي جي موقعي تي خواجه سعد رفيق صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت  کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ۽ سوال اٿاريو ته حڪمران ٻڌائين ڪشمير اشو تي هينئر تائين او آءِ سي جو اجلاس ڇو ناهي گهرايو ويو. اڳوڻي ريلوي واري وزير چيو ته حڪمرانن عوام جي سوا ٻه سئو ارب روپين کي ذاتي پئسو سمجهي معاف ڪري ڇڏيو جيڪو پاڪستان جي غريب عوام سان سنگين مذاق ۽ ظلم آهي.  ياد رهي ته خواجه ڀائرن کي 11 ڊسمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب طرفان گرفتار ڪيو ويو هو.