جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي وئي

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽٽي وئي. 

جسٽس عمر عطاءُ بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 7 رڪني لارجر بينچ جوڊيشل ڪائونسل جي خلاف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان منير اي ملڪ عدالت ۾  پيش ٿيو ۽ چيو ته چيف جسٽس چيو آهي ته احتساب  جو عمل غيرمتوازن ۽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو تاثر ملي رهيو آهي. جڏهن ته جوڊيشل انجنيئرنگ جي لاءِ به استعمال ٿي رهيو آهي.

منير اي ملڪ بينچ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته ان بينچ ۾ ڪجهه ججن کي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن کان علاوه باقي ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ بنائي وڃي. جسٽس عمر عطاءُ بنديال چيو ته ڪهڙن عملن سان جج جي جانبداري ثابت ٿي آهي.؟  هن عدالت جو هر جج پنهنجي ذميواري آئين ۽ قانون موجب ادا ڪندو آهي. ان عدالت جي ڪنهن به جج کي ڪنهن ڪيس ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. جج جي جانبداري جو چئي اوهان غلط وڃي رهيا آهيون.

وڪيل منير اي ملڪ چيو ته جن ججن کي چيف جسٽس بنجڻو آهي انهن جي دلچسپي آهي. هن بينچ جا ٻه جج امڪاني چيف جسٽس بڻجندا. چيف جسٽس بنجڻ سان انهن جي پگهار وڌندي. جسٽس عمر عطاءُ بنديال چيو ته اوهان کي عدليه کي مضبوط ڪرڻو آهي. ڪنهن جج تي ذاتي اعتراض نه اٿاريو، اعتراض سان ماڻهن  جو عدليه تي اعتماد به مجروح ٿيندو. هي صرف افواهن  جو دروازو کولڻ جي ڳالهه آهي، ڪهڙي جج کي 2025 ۾ چيف جسٽس بنجڻو آهي ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اهي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪن.

جسٽس عمر عطاءُ بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل جو اعتراض رد ڪندي چيو ته عدالتي فيصلا موجود آهن ڪنهن جج کي ڪيس ڇڏڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي. منير اي ملڪ صاحب اوهان ڪارروائي کي اڳتي وڌايو. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اڌ ڪلاڪ جي لاءِ وقفو ٿيو جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته بينچ ٽٽي ويو ۽ نئين بينچ جي تشڪيل جي لاءِ ڪيس چيف جسٽس آصف سعيد کوسي ڏانهن موڪليو ويو.

جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجازالحسن ٻڌڻي کان معذرت ڪئي. جسٽس عمر عطاءُ چيو ته بينچ جا ڪجهه جج محسوس ڪري رهيا آهن ته انهن کي بينچ ۾ نه ويهڻ گهرجي. جسٽس سردار طارق چيو ته اعتراضن سبب بينچ مان ناهيان اٿي رهيو پر  مون کي صبح کان ئي ٻڌڻي کان انڪار جو ذهن ۾ هو. درخواست رد ٿي وڃي ٿي تڏهن به اسان لاءِ ڪجهه به ناهي.