جج جي مقرري: چيف جسٽس ويهه سيپٽمبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 20 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي نالي تي غور ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي رٽائرمينٽ سبب اها سيٽ خالي هئي.

ذريعن موجب جسٽس امين الدين خان لاهور هاءِ ڪورٽ جو ٽيون سينئر جج آهي ۽ ان جو تعلق ملتان سان آهي. هو 12 مئي 2011 تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ ججن جون ڪل جڳهيون 17 آهن ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ججن جي تعداد 16 رهجي وئي آهي.