مريم نواز جي خلاف درخواست سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏني وئي: مريم اورنگزيب

news

اسلام آباد: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت اهڙي طرح جون حرڪتون ڪندي رهندي آهي جنهن جو جواب اليڪشن ڪميشن کان ملي ويو آهي.

تفصيل موجب اليڪشن  ڪميشن طرفان مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدارت تي برقرار رکڻ جي فيصلي تي مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز کي عوامي خدمت جي لاءِ ڪنهن عهدي ۽ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. ليگي ترجمان چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ مريم نواز جون خدمتون ڪنهن کان لڪل ناهن هن پويان رهندي به صحت ۽ تعليم جي لاءِ ڪم ڪيو.

صحافين سان ڳالهائيندي موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جي نالائقي ۽ بي حسي ڊينگي وائرس آهي جنهن پوري نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مجرمانه غفلت  ماڻهن جي زندگي کسي رهي آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي ليگي ترجمان چيو ته سموري ملڪ ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 3 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڊينگي سبب پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار اوهان جي نالائقي ۽ ڏوهاري غفلت آهي.

هن چيو ته ڊينگي جا عوام تي حملا جاري آهن ۽   پنجاب جو وڏو وزير ۽ صحت وارو وزير ٻئي غائب آهن. اڄ ملڪ جي عوام شهباز شريف ۽ نواز شريف کي ياد ڪري رهي آهي جنهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ڊينگي جي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو.