اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران فاروق ڪيس جون سموريون شاهديون پاڪستان کي ڏيڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

news

لنڊن: (اڱارو 17 سيپٽمبر2019ع) اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران فاروق قتل ڪيس جون سموريون شهادتون پاڪستان کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب برطانوي حڪومت پاڪستان کي ان رضامندي جو خط ڏئي ڇڏيو آهي ۽ برطانيه ۾ پاڪستان جي وڪيل ٽوبي ڪيڊمن راضپي وارو خط کڻي پاڪستان پهچي ويو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل سجاد ڀٽي جلد هي خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪندو.

ياد رهي ته 50 ساله ڊاڪٽر عمران فاروق 16 سيپٽمبر 2010 تي لنڊن ۾ پنهنجي آفيس مان گهر وڃي رهيو هو ته کيس گرين لين جي ويجهو واقع سندس گهر جي ٻاهران ڇرين ۽ سرن سان حملو ڪري قتل ڪيو ويو هو. حملي جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو هو هن پوئينرن ۾ زال ۽ ٻن پٽن کي ڇڏيو هو.

جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته سندس موت ڇرين جي حملي جي نتيجي ۾ ايندڙ زخمن سبب ٿي آهي.