چمڙي جي حفاظت لاءِ ذهين آئينو تيار

news

تائيوان: اڱارو17سيپٽمبر2019ع: چوندا آهن ته آئينو سچ ڳالهائيندو آهي پر جديد ٽيڪنالاجي سان تيار سمارٽ آئينو نه صرف سچ ڳالهائيندو آهي پر چمڙي جي بيمارين جو راز به کوليندو آهي.

ان آئيني کي هاءِ مرر جو نالو ڏنو ويو آهي جو انتهائي گهرائي ۽ تفصيل سان هر روز اوهان جي منهن جو معائنو ڪندو آهي، ان جو خاص نظام 8 مختلف طريقن سان اوهان جي منهن جو جائزو وٺندو آهي، اهڙي طرح منهن تي داغ، نشان، گُهنج خشڪي، پاڻي جي کوٽ، رنگ ۽ چمڙي جي غير همواري کي به روڪيندو آهي. هائي مرر جو سافٽ ويئر ڪنهن چمڙي جي بيماري جي صورت ۾ لوشن ۽ ڪريم بابت به مشورو ڏيندو آهي، سمارٽ مرر ۾ الڪسا به موجود آهي ۽ اوهان هڪ جملي سان چمڙي لاءِ ضروري شيون آرڊر به ڪري سگهو ٿا.

هاءِ مرر جي هڪ سٺي ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن اوهان ان کي ڪجهه مهينن تائين استعمال ڪريو ته ان جي ڊيٽا بيس ۾ اوهان جي چمڙي جا تفصيل جمع ٿيندا رهندا ۽ اهڙي طرح سافٽ ويئر ڇانهين ۽ چمڙي جي ٻين تبديلين کي لڳاتار نوٽ ڪندو رهندو آهي.