شهدادپور ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه ڄڻا فوت

news

شھدادپور: شهدادپور ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. شھدادپور ۾ ھڪ ڄڻي زھر پي آپگھات ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ ڄڻو موٽرسائيڪل سلپ ٿي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.

شهدادپور لڳ ڳوٺ محمد علي باگراڻي ۾ 50 سالا اعجازباگراڻي پٽن پاران پئسا نه ملڻ تان ڪاوڙجي  زهريلي دوا پي آپگھات ڪري ڇڏيو.

جنھن کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن پاران فوتگي جي تصديق ٿيڻ بعد وارث لاش کي ڳوٺ کڻائي ويا.

ٻئي طرف شھدادپور لڳ ڳوٺ ماڻڪ ٿھيم ۾ موٽرسائيڪل تي زمين تان گاهه کڻي ايندڙ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب پاڻي جي کڏ ۾ موٽرسائيڪل سميت ڪري 35 سالا يار محمد ٿھيم ٻڏي فوت ٿي ويو.

جنھن کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوتگي جي تصديق ڪرڻ بعد وارث کيس ڳوٺ کڻائي ويا.