مورو ڀرسان نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

news

مورو: مورو ڀرسان ٽموڙ وٽ نوجوان علي احمد ولد غلام محمد بروھي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪري فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش ڳوٺ گھر پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.