گهوٽڪي جي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي ٽيپ

news

گهوٽڪي: گھوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن شاھنواز ٽڳڙ ۽ رحيم بخش ٽڳڙ کي عمر قيد ۽ پنج پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جي اھڙي فيصلي کانپوءِ جوابدارن کي سکر جي عدالت منتقل ڪيو ويو.

واضح رھي ته جوابدارن 2013 ۾ گھوٽڪي ڀرسان ڳوٺ اسلام ٽڳڙجي رھواسي پوليس اھلڪار محمد حيات ٽڳڙ کي قتل ڪيو ھو.