حيدرآباد بدين روڊ تي ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

news

ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد بدين روڊ تي ڳوٺ آمون ويسريو وٽ بدين کان تيز رفتار ڪار  ۽ چنگچي وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ نبي بخش لغاري جو رهواسي ضمير لغاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته هڪ ڄڻو شعبان لغاري سخت زخمي ٿي پيو. سٽي ٿاڻي جي پوليس فوت ٿي ويل شخص جي لاش  ۽ زخمي کي ڊسٽرڪٽ سول اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته ڪار جي مالڪ ٿاڻي بولا خان واسي ونيس چيلاڻي کي پوليس ڪار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.