وزيراعظم عمران خان اعليٰ حڪومتي شخصيتن تي لڳندڙ الزامن سبب سخت ناراض

news

اسلام آباد:(اربع 18 سيپٽمبر2019ع)  وزيراعظم ۽ ڪابينه  جي ميمبرن پاران حڪومت جي اعليٰ شخصيتن تي مختلف الزامن لڳڻ سبب سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وزيرن جي نجي زندگين کي بي بنياد پروپيگنڊه جو نشانو بنايو پيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي عنصرن طرفان اظهار جي آزادي کي ذاتي مقصدن جي تڪميل لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

ان جو مقصد حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ قائم اعتماد کي حدف ٺاهڻو آهي. ڄاڻي واڻي مذموم مقصدن جي تڪميل لاءِ گمراهه ڪندڙ معلومات ڦهلائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ان مقصدن جي تڪميل لاءِ ميڊيا کي اوزار بنايو پيو وڃي.

اهڙيون اصلاحاتون آنديون وڃن جيئن ميڊيا مفاد پرست عناصرن جي هٿن ۾ اوازار نه بنجي سگهي. وزيراعظم پيمرا جي ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته پيمرا پنهنجو ڪردار موثر طريقي سان ادا نه پيو ڪري سگهي.