ڪشمير جي مسئلي بابت اسٽراسبرگ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جو رد عمل حوصلو ڏيندڙ آهي: علي رضا سيد

news

برسلز: (اربع 18 سيپٽمبر2019ع) چيئرمين ڪشمير ڪائونسل اي يو علي رضا سيد چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسٽراسبرگ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جو رد عمل حوصلو ڏيندڙ آهي پر اڃان به وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي.

يورپي پارليامينٽ جو اجلاس اسٽراسبرگ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ميمبرن طرفان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ڪالهه 25 يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو. جنهن مان اڪثريت ڀارت کان والاريل ڪشمير ۾ فوري طور تي قبضو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

يورپي ڪائونسل وزير مس توپوراينن به والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي علي رضا سيد کي چيو ته يورپي پارليامينٽ ۾ پاليسي بيان سان گڏوگڏ ڀارت تي عملي دٻاءُ  وڌو وڃي ته جيئن هو فوري طور تي ڪشميرين جو گهيرو ختم ڪري.

هن چيو ته يورپي يونين ۽ گڏيل قومن سميت عالمي ادارا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪن.

چيئرمين ڪشمير ڪائونسل اي يو وڌيڪ چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي حق ۾ هر فورم تي آواز اٿارينداسين جيڪڏهن وادي جي صورتحال کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته هڪ وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.