قصور ۾ ٻارڙن جي اغوا ۽ قتل جي واقعن کان پوءِ شهرين پاران سخت احتجاج

news

قصور: (اربع 18 سيپٽمبر2019ع) ضلعي چونيان ۾ ٻارن جي اغوا ۽ قتل جي واقعي تي شهرين احتجاج ڪندي پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽ موجب قصور جي ضلعي چونيان ۾ اڍائي مهينن دوران چئن ٻارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن مان 3 جون لاشون هٿ آيون آهن. واقعي جي خلاف واپارين جي انجمن ۽ چونيان بار ايسوسيئيشن هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. واپارين ۽ شهرين ٻارن جي قتل جي واقعن تي سخت احتجاج ڪيو ۽ ان دوران مڇريل شهرين مقامي پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري ڏنو. مظاهرين پٿرن ۽ ڏنڊن سان پوليس اسٽيشن جون دريون، دروازا به ڀڃي ڇڏيا جڏهن ته ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

هوڏانهن واپارين جي انجمن طرفان متاثر ٻارڙن جي والدين کي انصاف ملڻ تائين ڪاروبار به بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس واقعي جي جاچ دوران 9 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي. ڊي پي او جو چوڻ هو ته 24 ڪلاڪن دوران  ڪيس بابت سموريون حقيقتون سامهون آنديون وينديون.

ان کان علاوه آءِ جي پنجاب جي هدايت تي قائم ڪيل 6 رڪني جاچ ڪميٽي به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي ۾ دي پي او قصور عبدالغفار قيصراني، ايس پي جاچ قصور شهباز الاهي، ايس پي قدوس بيگ، ايس ايس پي ننڪانه، سي ٽي ڊي ميمبر ۽ اسپيشل برانچ جو ڊي ايس پي شامل آهي. ياد رهي ته گذريل سال قصور ۾ ئي ننڍي عمر جي ٻارڙي زينب کي اغوا کان پوءِ زيادتي جو نشانو بنائي قتل ڪيو ويو هو

واقعي جي خلاف سموري شهر ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان طرفان به واقعي جو نوٽيس  وٺڻ کان پوءِ پوليس زينب جي قاتل کي گرفتار ڪيو هو جنهن کان پوءِ  جوابدار کي ڦاسي  جي سزا ڏني وئي.