نمرتا واقعي ۾ اهم اڳڀرائي: پوليس شاگردياڻي جا ٻه ڪلاس فيلوز حراست ۾ وٺي ڇڏيا

news

لاڙڪاڻو:(اربع 18 سيپٽمبر2019ع) شاگردياڻي نمرتا واري واقعي ۾ پوليس اهم اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي، پوليس شاگردياڻي جي ٻن ڪلاس فيلوز کي پنھنجي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ان سلسلي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل 3 مان ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جو لاش مليو هو جنهن بعد پوليس جاچ لاءِ نمرتا جي ٻن ڪلاس فيلوز مهراڻ ابڙو، وسيم ميمڻ کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جو چوڻ آهي ته ٻنهي شاگردن کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.