اوهان جي محبت ۾ ڪيتري گهرائي آهي.؟ مهوش حيات مداحن کان فرينچ زبان ۾ سوال پڇي ورتو

news

ڪراچي: (اربع 18 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره مهوش حيات پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن کان فرينچ زبان ۾ سوال پڇيو آهي.

نشان امتياز حاصل ڪندڙ اداڪاره مهوش حيات انسٽا گرام تي پنهنجي هڪ تصوير مداحن سان شيئر ڪئي آهي جنهن جي وضاحت ۾ هن فرينچ زبان ۾ سوال ڪيو آهي.؟ اداڪاره جي تصوير کي پسند ڪندي مداحن مختلف تبصرا ڪيا آهن. آخر هن ڪهڙي زبان ۾ ڇا لکيو آهي ۽ ان جو اردو ترجمو ڇا آهي.؟ اصل ۾ مهوش حيات فرينچ زبان ۾ پنهنجي مداحن کان پڇيو آهي ته اوهان جي محبت ۾ ڪيتري گهرائي آهي.

ٻئي طرف ڪجهه مداحن مهوش حيات کي سندس لباس جي ڪري سخت تنقيد جو به نشانو بنايو آهي. واضح رهي ته هن وقت اداڪاره آمريڪا جي دوري تي آهي جتي هن عالمي شهرت ماڻيندڙ ۽ مودي حڪومت جي حمايت ڪندڙ بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جي مڙس نڪ جونس سان به ملاقات ڪئي هئي. ان کان علاوه هن يو ايس اوپن چيمپين شپ ۾ به شرڪت ڪئي هئي جنهن جون تصويرون به اداڪاره پاران سوشل ميڊِا تي شيئر ڪيون ويون هيون.