سعودي عرب ۾ نو هزار سال پراڻو ڳوٺ سياحن جي توجهه جو مرڪز

news

حيدرآباد: اربع18سيپٽمبر2019ع: سعودي عرب ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ واقع آهي جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته 9 هزار اسل اڳ کان موجود آهي، سرزمين جي مجموعي جاگرافيائي صورتحال جي برعڪس هتي باغ ۽ پاڻي جا چشماو اقع آهن جيڪي ان جاءِ کي چڱو صحت بخش بڻائن ٿا، هتي هزارين سال پراڻا گهر گاري، پٿرن ۽ کجور جي ٿوڻين سان ٺاهيا ويا آهن جن جي باقيات کنڊ جي شڪل ۾ اڄ به ڏسندڙن کي نظاري جي دعوت ڏين ٿيون.

ميڊيا رپورٽ موجب ساوڪ ۽ خوبصورت نظارن سان ڀر پور اهو ڳوٺ تاريخي طور تي سياحتي جاءِ جي حيثيت رکي ٿو، القصار نالي ان ڳوٺ کي ثقافتي ورثي جي طور تي محفوظ ڪيو ويو آهي، اهو جازان کان 40 ڪلوميٽر پري احمر سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪناري تي واقع آهي.

ان ڳوٺ جي شهر جو سبب هر طرف ڦهليل کجور جا باغ آهن، ان جزيري کي پري کان ڏٺو وڃي ته اهو کجور جي وڻن سان گهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هتي موجود عمارتون پنهنجي اڏاوتي طرز ۾ هزارين سال پراڻن نقشن سبب تاريخي ورثي جو حصو آهن جنهن سبب هتي سياحن جي رش لڳل رهندي آهي، سعودي عرب جي سياحت ۽ قومي ورثي بابت جنرل اٿارٽي ان ثقافتي ورثي کي اصل شڪل ۾ بحال رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

تاريخي تحقيق ڪندڙ، قديمي آثارن جي ماهر ۽ سعودي ايسوسئيشن آف ٽوئر گائيڊز جي ميمبر طراد الغزي جو چوڻ هو ته تاريخ لکندڙن موجب اهو ڳوٺ رومن عهد جو آهي.