ڇا پنجاب ۾ اوهان وٽ ڪو بهتر ماڻهو ناهي؟: شاهد آفريدي جو وزيراعظم کان سوال

news

ڪراچي: اربع18سيپٽمبر2019ع: اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي وزيراعظم کان سوال ڪيو آهي ته ڇا پنجاب ۾ اوهان جي ٽيم ۾ بهتر ۽ تجربيڪار ماڻهو ناهي.

سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي چيو ته مديني جي رياست کيه لائڻ جو وقت پهچي ويو آهي، جيڪو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي ان تي دل رت جا ڳوڙها هاري ٿي.

شاهد آفريدي وزيراعظم کان سوال ڪندي چيو ته ڇا پنجاب ۾ اوهان جي ٽيم ۾ بهتر، تجربيڪار ماڻهو ناهي؟ مديني جي رياست ۾ زيادتي ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏني ويندي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان کي به ايئن ڪرڻو پوندو.