حيسڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺ چنيسر ڇٽو جي رهواسين جو احتجاج

news

اڏيرولال اسٽيشن: حيسڪو مٽياريءَ پاران هر مهيني ڳوٺ چنيسر ڇٽو جي ڳوٺاڻن ڏانهن واڌو بل موڪلڻ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي. جڏهن ته هر مهيني ڳوٺاڻن ڏانهن ڳرا بل موڪلي ڳوٺاڻن کي پريشانين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي.

ڳوٺاڻن پاران واڌو بل نه پيارڻ تي ڳوٺ جي گذريل ڏهن ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي. بجلي بند هجڻ ڪري ڳوٺاڻا وڏين پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهن.

ٻئي طرف ڳوٺاڻن عبدالعزيز ڇٽو، محمد سليم ڇٽو، غلام مصطفيٰ ڇٽو، محمد سومار ڇٽو، خليل احمد ڇٽو ۽ عبدالحميد ڇٽو صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ بلن ۾ ڪليئر آهي پر ڪرپٽ ايس ڊي او حيسڪو مٽياري غيرقانوني اسڪارپ جي ٽيوب ويلن کي بجلي وڪرو ڪري ٿو.

يونٽ پورا ڪرڻ لاءِ ٻهراڙيءَ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪٽي ان جو سبب ڊڊڪشن ڄاڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو آهي ته ڳوٺ چنيسر ڇٽو جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته  ايس ڊي او حيسڪو مٽياري خلاف واڌو بل موڪلڻ ۽ ڳوٺ جي بجلي بند ڪرڻ خلاف سيشن ڪورٽ مٽياريءَ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.