ڳوٺ حاجي جمع خان بلوچ جي ڊسپينسري فرنيچر ۽ سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

اڏيرولال اسٽيشن: يونين ڪائونسل اوڏيرو لال اسٽيشن جي ڳوٺ حاجي جمع خان بلوچ  جي ڊسپينسري ۾ فرنيچرن جي کوٽ مريضن کي ڊرپ لڳائڻ لاءِ اسٽين نه هجڻ ڪري ڊسپينسري ۾  موجود عملو مريضن کي ڊرپ به اسپتال جي دري ۾ ٽنگي  لڳائڻ لڳا. انهن جو چوڻ آهي ته اسان بالا آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آهن.

ٻئي طرف ڳوٺاڻن  واحد بلوچ، مولابخش بلوچ، فضل الرحمان بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊسپينسري ۾ صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جي ويهڻ لاءِ هڪ ڪرسي به ناهي.

اسان چندو ڪري ڊاڪٽرن لاءِ ٽيبل ۽ ڪرسيون خريد ڪري ڏنيو آهن. ڊسپينسري جي فرنيچرن جي لاءِ اسان ڊي سي مٽياري، ڊي ايڇ او مٽياري، ڪمشنر حيدرآباد کي  به لکيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته اسان چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت کان مطالبو ٿا ڪيون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي ڊسپينسري جمع خان بلوچ ۾ فرنيچر سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.