گهوٽڪي ۾ پوليس هٿان ٻٽي قتل جو جوابدار گرفتار

news

گهوٽڪي: گهوٽڪي ۾ ٻه قتل ڪندڙ قمبر واسي جوابدار کي گيمڙو پوليس گرفتار ڪري ورتو. جنهن  کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب گيمڙو ٿاڻي جي حد مان ٻٽي قتل ۾ گهربل اشتهاري جوابدار غلام قادر پٽ غلام حيدر گائنچو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايڇ او گيمڙو محمد خان ابڙو مطابق ته جوابدار غلام قادر پٽ غلام حيدر گائنچو کي هڪ ڳجهي اطلاع تي پوليس نفري ساڻ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.

جڏهن ته هن جي مٿان ڏوهه نمبر 1.2019  يو ايس 302  تحت ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي. واضح رهي ته جوابدار اصل فريد آباد قمبر جو رهواسي آهي.

جيڪوانب جي باغ ۾ ستل ٻن ماڻهن کي مارڻ بعد فرار ٿي ويو هو. جنهن کي اشتهاري ڄاڻايو ويو هو، اڄ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار کي سڀاڻي ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو.