ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ فائرنگ: ٻه ڦورو مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

news

ڪراچي: (خميس 19 سيپٽمبر2019ع) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ عيد گاهه گرائونڊ جي ويجهو پوليس مقابلي ۾ 2  ڦورو مارجي ويا  جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

ناظم آباد پوليس موجب گشت تي مقرر اهلڪارن ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 3 ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو پر هنن پوليس اهلڪارن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڇڏي.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويو آهي. ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شهيد اهلڪار ذيشان 2014 ۾ ڀرتي ٿيو هو جيڪو عيد گاهه گرائونڊ ۾ ساٿي اهلڪار شاهمير سان گڏ ڦرن جي وارداتن کي روڪڻ جي لاءِ گشت تي هو.

هن ٻڌايو ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ   عبدالباسط ۽ حبيب خان جي نالي سان ٿي آهي جنهن جو تعلق خضدار سان هو جڏهن ته هڪ ڏوهاري فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي. ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو ٻڌايو ته مارجي ويلن ڏوهاري صبح جو سوير عيد گاهه جي علائقي ۾ ڦر ڪرڻ آيا هئا. جڏهن ته ڦورن جو ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.