آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

news

سڊني: (خميس 19 سيپٽمبر2019ع) آسٽريليا 2022 ۾ پاڪستان  جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جو مثبت اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.  پاڪستان جو دورو ڪندڙ چيف ايگزيڪٽو ڪيون رابرٽس سڊني پهچڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي واريون حالتون اطمينان جوڳيون آهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. 2022 ۾ ٽيم موڪلي سگهون ٿا. پر ان حوالي سان تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.  هن دوري جو مقصد شين کي ڏسڻ سان گڏ سموري صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ هو. ان دوري سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏ لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

ڪيون رابرٽس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي چاهيون ٿا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سمورن معاملن جو جائزو وٺڻ بنا ئي پنهنجي ٽيم موڪليون. آهسته آهسته شين تي نظر رکي رهيا آهيون. ان دوري جي  حوالي سان اسان واٽ اڃان ڪافي گهڻو ٽائيم آهي. رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. دوري کان اڳ يقيني طور تي سيڪيورٽي ماهرن جي رپورٽ به آڏو رکي ويندي.

فيبروري 2022 ۾ آسٽريليا جي ٽيم 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي لاءِ پاڪستان جي مهمان بڻجندي. ڪيون رابرٽس جي هڪ ڏينهن واري اسلام آباد جي دوري ۾ سيڪيورٽي ماهر شان ڪيرل به ان سان گڏ هو. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ آسٽريلوي عهديدارن جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي.