شعيب ملڪ ٽي سئو پنجاهه ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

news

گيانا: (خميس 19 سيپٽمبر2019ع) اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ 350 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي. ڪيريبيٽن پريميئر ليگ ۾ گيانا ايمازون جي اڳواڻي ڪندڙ شعيب ملڪ 350 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو.

شعيب ملڪ چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو ته 350 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري سگهندس. ان سفر ۾ گڏ رهندڙ ٽيمن، ليگز جي فرنچائزر ۽ رانديگرن جو به ٿورائتو آهيان. شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جي شروعات 2005 ۾ ڪئي هئي هن پاڪستان طرفان 111 انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا آهن.

2015 ۾ واپسي کان پوءِ شعيب ملڪ ان فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ اوسط 40 کان وڌيڪ رهي. آل رائونڊر ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ ايندڙ سال آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي لاءِ پراميد آهي.

آل رائوندر ورلڊ ٽي ٽوئنٽي 2009 جي فاتح پاڪستاني اسڪواڊ جو به حصو هو.