پي سي بي طرفان فارغ ڪيل مڪي آرٿر کي نيوزيلينڊ ۾ نوڪري ملي وئي

news

لنڊن: (خميس 19 سيپٽمبر2019ع) ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کان پوءِ فارغ ڪيل پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي نيوزيلينڊ ۾ نئين مصروفيت ملي وئي آهي.

مڪي آرٿر نيوزيلينڊ ۾ سپر سميش ٽي ٽوئنٽي جي ٽيم  سينٽرل اسٽيج جي ڪوچنگ ڪندو. پنهنجي دور ۾ پاڪستاني رانديگرن جي بي پناهه ٽيلنٽ ۽ روشن مستقبل جون ڳالهيون ڪندڙ مڪي آرٿر هاڻ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ جا گڻ ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ياد رهي ته نيوزيلينڊ ۾ سميش ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ڊسمبر ۾ شروع ٿيڻ کان اڳ مڪي آرٿر چارج سنڀالي وٺندو.