ڊاڪٽر نمرتا جو پراسرار قتل هڪ سواليه نشان آهي: پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي

news

سکر: سکر پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيندڙ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڊاڪثر نمرتا جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نمرتا جو پراسرار قتل هڪ سواليه نشان آهي.

پريس بيان جاري ڪندي مبين احمد جتوئي چيو ته يونيورسٽين ۾ اهڙا واقعا افسوسناڪ آهن. هن واقعي دل کي ڏکائي ڇڏيو آهي, سنڌ حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري تعليمي ادارن ۾ به شاگرد محفوظ ناهن رهيا.

ڊاڪٽر نمرتا جي قتل جي شفاف جاچ ڪري ان جي رپورٽ عوام آڏو آندي وڃي ۽ ڊاڪٽر نمرتا جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. 

مبين احمد وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي والدين جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون حڪومت وقت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان گڏ شاگردن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ته جئين نياڻين جو يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ قتل عام بند ٿي سگهي ۽ شاگرد سٺي پڙهائي ڪري سگهن.