خورشيد شاهه خلاف وڌيڪ چار بي نامي جائيدادن جي جاچ شروع

news

سکر: خورشيد شاھ خلاف وڌيڪ 4 بي نانءُ جائيدادن جا دفتر کلي ويا، نوان فرنٽ مين بہ سامھون اچي ويا. نيب جاچ شروع ڪري ڏني.

نيب پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ خلاف وڌيڪ 4 بي نانءُ  جائيدادن جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي.

نيب ذريعن موجب خورشيد شاھ جا وڌيڪ 3 فرنٽ مين سامھون آيا آھن جن جي نالي تي ھن اربين رپين جي ملڪيت ٺاھي. انھن ۾ اعجاز بلوچ، پپو مھر ۽ قاسم شاھ شامل آھن. خورشيد شاھ 250 ملين جي لاڳت سان نيو تاج ھوٽل اعجاز بلوچ جي نالي تي ٺاھيو.

قاسم شاھ جي نالي تي روھڙي روڊ تي ڪروڙين رپين جي ماليت جو پيٽرول پمپ ٺاھيو ويو. سرڪاري ايراضي تي پپو مھر جي نالي تي بنگلو ٺاھيو ويو.

روھڙي باءِ پاس تي گلف ھوٽل ٺاھيو ويو. ان سان گڏوگڏ عمر جان ۽ نواب اينڊ ڪمپني جي نالي تي اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي منصوبن جي ٺيڪن ۾ ھيراڦيري ڪئي وئي.

نيب ذريعن موجب انھن الزامن سان گڏ ٻين بي نانءُ ملڪيتن جي جاچ بہ ڪئي پئي وڃي جن جو تعلق خورشيد شاھ سان آھي.