والاريل ڪشمير ۾ ظلمن خلاف مودي کي آمريڪي عدالت طلب ڪري ورتو

news

نيويارڪ:(جمعو 20 سيپٽمبر2019ع)  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آمريڪي عدالت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو.

مودي کي آمريڪي رياست جي هڪ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ طلب ڪيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان علاوه گهرو وزير اميت شاهه کي به طلب ڪيو ويو آهي.

عدالت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڪنول جيت سنگهه کي به طلب ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته نريندر مودي کي 2014 ۾ به بطور ڀارتي وزيراعظم پهرين آمريڪي دوري تي نيويارڪ جي عدالت گجرات ۾ ٿيندڙ فسادن سبب طلب ڪيو هو.