سعودي عرب تي حملا مسلمانن جي لاءِ برداشت جوڳا ناهن: شهباز شريف

news

اسلام آباد: (جمعو 20 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب تي حملا مسلمانن جي لاءِ نه برداشت جوڳا آهن ۽ نه وري قابل قبول آهن.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سعودي عرب ۾ تيل ريفائنري تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب تي حملا مسلمانن جي لا ناقابل برداشت ۽ قبول ڪرڻ جوڳا ناهن.

حج جي مقدس جڳهه جي احترام جي لاءِ هر مسلمان پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مسلمانن جي خلاف سازشن کي ختم ڪرڻو پوندو. 

شهباز شريف چيو ته شرپسند عناصر خطي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪائي رهيا آهن. پاڪستان سعودي عرب کي پنهنجو وڏو ڀاءُ مڃي ٿو. ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ به واضح ڪري چڪي آهي ته سعودي عرب تي حملو پاڪستان تي حملو تصور ڪيو ويندو.