ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪٿي برسات ته وري ڪٿي گرمي جو امڪان آهي: موسميات کاتو

news

اسلام آباد: (جمعو 20 سيپٽمبر2019ع) موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪٿي برسات ته وري ڪٿي گرمي جو امڪان آهي.

جمعي جي ڏينهن هزارا، راولپنڊي، گوجرانوالا ڊويزن، اسلام آباد، ڪشمير ۾ ڪنهن ڪنهن جڏهن ته لاهور، سرگودها،  فيصل آباد، پشاور، مردان، ڪوهاٽ ۽ بنون ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، طوفان ۽ کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگودها، مالاڪنڊ، هزارا، بنون ڊويزن، ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب ۾ پئي جنهن ۾ سيالڪوٽ ۾ 35، چڪوال 34، جوهره آباد 16، اسلام آباد 07، مري 07، منگلا 04، راولپنڊي ۽ سرگودها ۾ 01.01  ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪشمير ۽ مظفرآباد ۾ 48، راولا ڪوٽ 10، ڪوٽلي 02، ڳڙهي دوپٽه 01، ڪي پي ڪي، ڪاڪول ۾ 25، سيدو شريف 03، دير، مالم جبه ۽ بنون ۾ 01 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.