شاگردياڻي نمرتا جو پُراسرار موت: وائس چانسلر چئن ملازمن کي معطل ۽ ٽن کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو

news

لاڙڪاڻو: (جمعو 20 سيپٽمبر2019ع) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت تي وائس چانسلر 4 ملازمن کي معطل ۽ 3 ملازمن کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو آهي جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن جا اسمارٽ فون فرانزڪ تجزيي جي لاءِ ايف آءِ اي کي موڪليا ويا آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب جامعه بينظير جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطاءُالرحمان پنهنجي ماتحت اداري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت تي هاسٽل  نمبر 3 جي 4 ملازمن کي معطل ۽ 3 کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب معطل ٿيندڙن ۾ سينئر ڪلرڪ حسين شاهه، جونيئر ڪلرڪ روزينه، چوڪيدار خان محمد ۽ چوڪيدار اڪبر تنيو، جڏهن ته برطرف ٿيندڙن ۾ گرلز هاستل جي فيميل وارڊن مسمات عاصمه، مسمات حسينه ۽ مسمات ناديه شامل آهن.

هوڏانهن ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايس پي ليگل برناچ فاروق ڀتو نمرتا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن مهران ابڙو ۽ علي شان جا موبائيل فرانزڪ اينالائسز جي لاءِ ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيا آهن ۽ ايف آءِ اي کي ڊيليٽ ڪيل ميسيج واپس ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.