سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ روڊ تي ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

news

ڪراچي: (جمعو 20 سيپٽمبر2019ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ روڊ تي ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي جي صفائي مهم بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته اسان ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ واري ڪم جي شروعات ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته اسان هن شهر جي نئين سر سان تعمير ڪئي  هاڻ ان جي صفائي به اسان پاڻ ڪنداسين. وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته هر ضلعي جو رڪارڊ الگ الگ رکيو وڃي.

ڪنهن ڪيترو ڪچرو کنيو آهي ۽ هر ضلعي کي صاف ڪري  ان کي ڊي ايم سي جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن هر ڊي ايم سي ان صفائي کي برقرار رکي. ان کان علاوه هر ضلعي جي صفائي جي مانيٽرنگ 2 وزيرن جي حوالي ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته هر ڊي سي کي 5 ڪروڙ روپين  جا فنڊ جاري ٿي چڪا آهن جيڪي مشينري، ڊمپرز ۽ مزدورن  کي ادائيگي جي لاءِ ڏنا ويا آهن ان کان علاوه هر ڊمپر تي ڊسترڪٽ جو نالو ۽ نمبر هجڻ گهرجي.

مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته صفائي جي فوٽو ۽ وڊيو ٺاهيو ته جيئن هڪ مڪمل رڪارڊ هجي جنهن جي ڪم جي مان پاڻ مانيٽرنگ ڪندس. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته صفائي جي فوٽو ۽ وڊيو  ٺاهي وڃي ته جيئن هڪ مڪمل رڪارڊ هجي  وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن سموري ڪم جي مانيٽرنگ مان پاڻ ڪندس.