فلمن ۾ آئٽم نمبر ڪري شهرت ضرور ملي ٿي پر مان آئٽم گرل طور سڃاڻپ نٿي چاهيان: آمنه الياس

news

ڪراچي: (جمعو 20 سيپٽمبر2019ع) ماڊل ۽ اداڪاره آمنه الياس چيو آهي ته فلمن ۾ آئتم نمبر ڪري شهرت ضرور ملي ٿي پر مان بطور آئٽم گرل سڃاڻپ نٿي چاهيان.

ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ آهي ته مان واحد پاڪستاني ماڊل آهيان جنهن جي شروعاتي ٻنهي فلمن ملڪ ۾ رليز کان اڳ ئي عالمي فلم فيسٽيولز شرڪت ڪري ڪيترائي ايوارڊ ۽ ٻيا انعام حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهيو.

آمنه الياس نجي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ماڊلنگ ۽ فيشن انڊسٽري جي تمام گهڻين مصرفويتن جي باوجدو ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم جي آفر ملي چڪي آهي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن اٿ ته مون وٽ فلمون ناهن اهي غلطي تي آهن.