مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان ٽيويهه سالن کان انصاف ناهي ٿيو: غنويٰ ڀٽو

news

نئون ديرو: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي جي موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسين اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسان کي اهڙي طرح ملندي 23 سال گذري چڪا آهن، 23 سالن جي عرصي کان اسان انصاف جو مطالبو ڪندا پيا اچون پر اسان کي انصاف ناهي مليو ان عرصي دوران ڪنهن کي ڇا مليو؟

اسان کي اهي عدالتون به نه مليون جيڪي انصاف فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ منهنجي دل جي ڪيفيت ڪجهه الڳ آهي اڄ منهنجي دل غم ۽ ڪاوڙ آهي، اڄ منهنجي دل مرجهايل آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته اڄ اوهان جي به دل منهنجي دل وانگر هوندي، ڇاڪاڻ اسان جي دل ۾ 23 سالن کان انتظار ۾ آهي اسان 23 سالن کان اقتدار جو انتظار ناهي ڪيو پر انصاف جو انتظار ڪيو آهي، اسان کي ڪنهن مشڪل ڪنهن پيچيده ڪنهن الجهيل ڪيس جي لاءِ انصاف ناهي مليو.

اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي انقلابي ۽ اصول پرست پٽ جي لاءِ انصاف گهريو آهي جيڪو سنڌ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر هو جنهن کي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ پنهنجي ئي گهر جي سامهون قتل ڪيو ويو. هن چيو ته پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته شهيد مير مرتضيٰ جو قتل حادثاتي قتل نه هو پر پوري رٿابندي سان ڪيل قتل هو، ان قتل جي پوري ڪهاڻي ڪربلا جي ڪهاڻي وانگر آهي جيڪڏهن آءُ اڄ به اها ڪهاڻي بيان ڪريان ته پٿرن جي اکين ۾ به غم جا ڳوڙها اچن ۽ ڪاڙو جي باهه به ٻري پئي.

شاهدن جا بيان رڪارڊ تي آهن ته مرتضيٰ پنهنجي پيرن تي هلي ڪري ان جيپ تائين ويو هو جنهن ۾ ان کي راءِ طاهر ۽ دراني ويجهي کان گولي هنئي هئي، کيس ان وقت اسپتال آندو ويو جنهن وقت هو آخري پساهن ۾ هو پر مرتضيٰ مضبوط ۽ بهادر هو، هُو آخر تائين موت جو مقابلو ڪندو رهيو، مون کي ياد آهي ته ان وقت ذولفي به تمام ننڍو هو ان وقت جڏهن فاطمه رڙيون ڪري پا پا، پا پا چوندي رهندي هئي تڏهن مرتضيٰ جو بند ٿيل دل ڌڙڪندو هو.

هن چيو ته آءُ ان رات کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهان ان رات مرتضيٰ جي ساٿين مرتضيٰ جي قاتلن کان انتقام وٺڻ پئي چيو پر اسان چيو ته اسان انصاف وٺنداسين ۽ ان انصاف کي 23 سال گذري چڪا آهن، 23 سرديون، 23 گرميون، 23 مندون گذري ويون آهن پر اسان کي انصاف ناهي مليو.

هن چيو ته مون کان ڏيهي توڙي پرڏيهي صحافي سوال ڪندا رهندا آهن ته مرتضيٰ کي ڪنهن قتل ڪيو؟ مون انهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان شام اسان جي گهر جي سامهون هزارين گوليون هليون، هر گولي تي ڪنهن نه ڪنهن جو نالو لکيل هو، اُهي سڀ گوليون هلنديون رهيون ۽ رت وهندو رهيو اسان کي 23 سال گذرڻ جي باوجود به انصاف ناهي مليو.

هڪ سوال اهو به آهي ته هتي آخر ڪنهن کي انصاف مليو آهي؟ مشعل خان جي قتل کي پنج سال گذري ويا، ڇا مشعل خان سان انصاف ٿيو؟ نقيب الله قتل ڪيس کي ٻن سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، ڇا ان جي والدين ۽ ان جي ٻارڙن کي انصاف مليو آهي؟ 

ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ قتل عام کي پنج سال گذري چڪا آهن انهن شهيدن جي خاندانن کي اڄ ڏينهن تائين انصاف ناهي مليو.

هن حڪمرانن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پهريان شهيد ڀٽو کي شهيد ڪيو ۽ اسان انصاف گهريو پر انصاف ڏيڻ بجاءِ اوهان ٻئي ڀٽي کي شهيد ڪيو پر پوءِ به اسان انصاف گهريو“ انصاف ڪرڻ بجاءِ توهان ٽئين ڀٽي کي شهيد ڪيو ۽ اسان انصاف گهريو پر پوءِ چوٿين ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو، آءُ صرف هڪ ڳالهه پڇا ڪرڻ چاهيان ٿي صرف هڪ ڳالهه انصاف نه ڏئي اوهان ڇا پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا؟ 

ڇا اوهان چاهيو ٿا ته انصاف مان مايوس ٿي انتقام وٺون؟ جيڪڏهن ماڻهو اهڙي طرح مايوس ٿيندا رهيا ته قانون ۽ انصاف جي اهميت ڇا رهندي، اوهان اسان کي 23 سالن کان مايوس ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان مايوس ٿيڻ وارا ناهيون.

هن چيو ته هن اسٽيج تان اڄ آءُ اعلان ٿي ڪريان ته ايندڙ سڄي سال دوران اسان شهيد مرتضيٰ جي لاءِ انصاف گهرندا رهنداسين ملڪ جي هر شهر ۾ هر مهيني ۾ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن کي سرعام سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج به ڪنداسين تيسيتائين خاموش نه ويهنداسين جيسيتائين اسان کي شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ٿو ملي.

هن چيو ته سچي جدوجهد هميشه جاري رهندي آهي. اوهان جي سامهون ڪشمير جي جدوجهد آهي، ڪشميري 72 سالن کان مسلسل مزاحمت ڪري رهيا آهن، هزارين ڪشميري شهيد ٿيا پر ڪشمير پنهنجي تحريڪ کي ختم نه ڪيو، 72 سالن گهڻا ٿيندا آهن اهي 72 سال ظلم ۽ بربريت مان ڀريل آهن، ڪيترائي ڪشميري ٽارچر جي ڪري شهيد ٿيا؟ ڪيترا ڪشميري معذور ٿيا؟ ڪيترا ڪشميري مسنگ پرسن بڻيا؟ ڪشمير جي ڪيترن نياڻين جو ريپ ڪيو ويو؟

هن وقت ڪشمير جا سمورا جيل سياسي قيدين مان ڀرجي چڪا آهن، پنهنجي نام نهاد ۽ نامردي واري ڪردار جي محافظ اقوام متحده ڪشمير سان واعدو وفا ناهي ڪيو، افسوس هن وقت پاڪستان جي رياست وٽ اهڙو ڪو اڳواڻ ناهي جيڪو اقوام متحده جي قراردا کي ڦاڙي اهو چئي ته آءُ بائيڪاٽ ٿو ڪريان.